راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن تي ??مل??رآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رح?? ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رح?? جون درخواستون داخل ڪيون هيو??، 48 درخواستن کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو ويو، 19 ڏهارين جي درخواستن کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل رح?? وارين درخواستن تي ??مل??رآمد مقرر مدي ۾ قانون موجب ڪيو ويندو. ڏوهارين کي باضابطه ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ڪرڻ ۽ قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.