اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪن??ڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، وزيراعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪ??ر کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دؤري جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. ايل اين جي جي حوالي سان 3 کان 4 منصوبا اهڙا آهن جن تي گذريل 6 مهينن دور??ن پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ روسي ٽيمن س??ن پهريائين ڳالهيون ڪري چڪا آهن. انهن منصوبن بابت م??ام??ن تي وزيراعظم عمران خان روس جي صدر پيوٽن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جڏهن ته روس جي نائب وزيراعظم سان باضابطه طور تي ڳالهائيندس. حماد اظهر چيو ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪن??ڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. يورپ، اُتر آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا روس سان گهرا رابطا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا اهڙيءَ طرح جا رابطا روس س??ن پهريان نه هئا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.