اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو ??هي ته 5 آگست 2019ع ڪشميرين جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربند فوج جي موجودگي جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سحرش قمر چيو ??ه 5 آگسٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو ??هي، 10 لک فوج معصوم ??شميرين جو گهيراءُ ڪري رکيو ??هي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ??ه عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪشميرين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبر رفعت ع??يز چيو ??ه 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت ع??لمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪر?? والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ??ن سان گڏ ئي پور?? واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪشميرين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پور?? واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئن جي آبادي جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي باوجود جاري آهي. رفعت ع??يز چيو ??ه سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم جي باوجود ڀارت آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ب??ي طرح ناڪام رهيو ??هي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪشميرين جي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.