اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ملڪي ترقي صنعتي عمل جي فروغ سان واڳيل آهي، معاشي حالتن ۽ خاص طور تي ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ نقصانن سان صنعتي شع??ي ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچين صنعت کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي ??ل ڳوليو وڃي. هو صنعتي عمل جي فروغ خاص طور تي ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.