اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل ضلعن ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ رهندڙ آبادي جي خوشحالي جي لاءِ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون، اهي مارڪيٽون قائم ٿيڻ سان نه رڳو مقامي آبادي کي روزگار پر اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو ??ظه??ر پاڪ – افغ??ن ۽ پاڪ – ايران سرحدي علائقن ۾ بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو.