اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ش??ري??ر آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جي ڏهاڙي تي پو??ي پاڪستاني قوم خاص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڪشمير 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وچن ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي هر ممڪن سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ??يا??ي ٿو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ش??ري??ر آفريدي چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي ج??وج??د کي سلام پيش ڪريون ٿا، نظريو پاڪستان ئي قيام پاڪستان جو ب??يا?? بڻيو، جنهن تحت مسلمان قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ ج??وج??د ڪئي.