اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپخ??ون??وا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 144 فوتگيون ٿيون جنهن مان 57 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 870 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تنا??ب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سي??ڙو، لاهور ۾ 82 سي??ڙو، گجرانوالا ۾ 88 سي??ڙو ۽ مردان ۾ 65 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تنا??ب جي لحاظ کان پشاور ۾ 76 سي??ڙو، گجرانوالا ۾ 85 سي??ڙو، نوشهره ۾ 71 سي??ڙو ۽ مردان ۾ 70 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 818 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 659، پنجاب ۾ 26 هزار 91، خيبرپخ??ون??واهه ۾ 7 هزار 729، اس??ام آباد ۾ 4 هزار 713، بلوچستان ۾ 1 هزار 135، گلگت بلتستان ۾ 391، آزاد ڪشمير ۾ 1100 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 82 هزار 290 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 562 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 976 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 84 هزار 108 آهي.