اسلام آباد- 21 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل نئين اليڪٽرسٽي پاليس??ءَ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي، نئين پاليس??ءَ سان سستي ۽ ماحول دوست بج??ي حاصل ٿيندي، اسان اهڙي نوعيت جي پاليسي 15 سال اڳ لاڳو ڪئي هجي ها ته اڄ توانائ??ءَ جو شعبو مشڪل ۾ نه هجي ها. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي روينيو بابت وزيراعظم جو خاص مددگار وقار مسعود پڻ موجود هو.