اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زراعت ملڪي معيشت جو وڏو شعبو آهي، ڪوريا پاران ان شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ تجربي ج?? مٽاسٽا سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورتي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ننڍن آبادگارن جي مجموعي آمدني ۾ بهتري ايندي. اها ڳالهه هن ڪوريا جي نائب وزير هورتائي وونگ جي سربراهي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي رورل ڊيولپمينٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن شعبي (ڊي ??ر ڊي اي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪد??ي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده گهڻ رخن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. وزيراعظم فصلن جي لاءِ مخصوص زرعي ٽيڪنالاجي ج?? ترقي، محقيقن ۽ آبادگارن جي صلاحيت ۽ تربيت جي فراهمي ۽ زرعي شعبي ج?? پائيدا?? ترقي ج?? حمايت ۾ ڊي ??ر ڊي اي ج?? ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تمام گهڻين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ڏکڻ ڪوريا جي نائب وزير پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي ۽ رورل ترقي ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران مسلسل تعاون جي عزم کي ورجايو.