اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي ??يثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي ??اريخ جي ??فر ۾ ڏکيا چئلينجز عبور ڪيا آهن، اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي جي ??دلجندڙ صورتحال اسان جي ??ن عزم جو امتحان آهي، پاڪستان اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري بيهي سگهي ٿو، اسان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، ڪشمير جي ??وام پاڻ سان ڪيل واعدن جي ??ڪميل لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستان خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي ??دوجهد ۾ ڪشمي??ين جي ??مايت جاري رکندو، افغان تڪرار جو ڪو به فوجي ??ل نه آهي، پاڪستان ڳالهين سان تڪرار جي ??ياسي حل جي ??مايت جاري رکندو، عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اسان جو سمورو ڌيان جيوپاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ٿي ويو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائيندي اسان کي ايمان، اتحاد، تنظيم جي قومي قدرن کي سربلند رکڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي ??نهن جو تصور قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو هو، اسان هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي ??يثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي ??اريخ جي ??فر ۾ مشڪل چئلينجز عبور ڪيا آهن ايستائين جو اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي جي ??دلجندڙ صورتحال اسان جي ??ن عزم جو امتحان آهي، هر وقت وانگر اسان پنهنجي ??ي لوث عزم جي ڪري انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻي وٺنداسين ۽ مضبوط قوم طور اڀرنداسين، هن چيو ته پاڪستان اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي کڻي بيهي سگهي ٿو، معيشت جي ??حالي، ڪورونا مان سرخرو ٿيڻ ۽ ماحولياتي تحفظ بابت اسان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي آهي.
وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي اسان پنهنجي ڪشمي??ين ڀينرن ۽ ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي، جيڪي انتهائ?? مشڪل حالتن ۽ ڀارتي غير قانوني قبضي ۾ ناقابل بيان ڏاڍ ۾ پنهنجي ??ودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشمي??ين جي منصفاڻي ڪاز لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکندو، ڪشميري هاڻي به انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ??ولهندي سرحدن تي غير مستحڪم صورتحال جي ڪري وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي اسان سدائين ان ڳالهه تي مسلسل زور ڏنو آهي ته افغانستان جي ??ڪرار جو ڪو به فوجي ??ل نه آهي.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي ??مايت جاري رکندو، پنهنجي معاشي ۽ سماجي ??يجنڊا جي پيروي لاءِ اسان ملڪ اندر ۽ ٻاهر امن چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ اسان جو سمورو ڌيان جيو پالٽيڪس کان هاڻي جيو اڪنامڪس تي آهي،جنهن ۾ اسان اولين ترجيح جي ??ور تي پاڪستاني عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جي ??ڪومت پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته بنا شڪ جي پاڪستان الله تعاليٰ جو اسان جي لاءِ تحفو آهي آئون هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر ۽ ٻاه??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ان موقعي تي توهان کي چوان ٿو ته پاڪستان کي قابل فخر، خوشحال ۽ پرامن ملڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.