اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي جتي هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪا جي دوري کي سفارتي لحاظ کان انتهائي ا??م قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 20 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهتو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي ا??تتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ڪائونسل آن فارن ريليشنز ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپا، افغانستان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. آمريڪي پرڏيهي وزير انخلا جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير يورپي ??ون??ن جي پرڏيهي لاڳپن ۽ سلامتي جي سربراهه بوريل جوزف سان مليو ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اسٽريٽجڪ حصيداري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ا?? آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۾ جاري ا??ساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين تي پاڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي ا??غانستان بابت خاص نمائندي ا??مبيسڊر زلمي خليل زاد، انٽرنيشنل ڪميٽي ريڊ ڪراس جي صدر پيٽر مور، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ملاقاتون ڪيون ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني ا??ميي طرف ڇڪرايو. پرڏيهي وزير سعودي عرب، قطر، ترڪيءَ، مصر، ان??ون??شيا، پرتگال، بيلجيئم، آئرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، سلووينيا، رومانيه، فن لينڊ، جاپان سميت مختل?? ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ، نيويارڪ ٽائيمز، الجزيره، ايسوسيئيٽيڊ پريس سان اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪم??ون??ي کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير ڊي – 8 فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ”اتفاق بابت اتحاد“ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان منعقد ورچوئل فورم کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ا??غانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خطاب جي موقعي تي جنرل اسيمبلي هال ۾ موجود رهيو.