اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي، عالمي ??رادري پاران مثبت شموليت، انساني امداد، مالياتي وسيلن جي فراهمي ?? افغان عوام جي م??ئل?? کي ختم ڪرڻ جي غرض سان پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪ?? پرڏيهي نائب وزير وينڊي آرشر من سان ڳالهائيندي ڪ??ي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪ?? پرڏيهي نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيند?? پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي ??رادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي ??رادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ?? افغان عوام جي م??ئل?? کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، آمريڪ?? پرڏيهي نائب وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانا??ي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرا??ي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪند?? پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي م??ئل?? جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير آمريڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد ت?? پرڏيهي نائب وزير وينڊي جو ٿورو ادا ڪيو.