اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي واڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ ال??ڪٽ??انڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر بابر ا??واڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021 آئين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي وئي. شق 2 تي مخالف ڌر ميمبر محسن داوڙ پاران ترميم پيش ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر ا??واڻ ان جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته هي بل ڪافي عرصي کان هلندو پيو اچي هي بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي وئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئي وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئي وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيه?? ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ ??سپ??ڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. ??سپ??ڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن ??سپ??ڪر ڊائس کي پنهنجي حصار ۾ وٺي ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر ا??واڻ ٻي ترميم پيس ڪئي، ان تي تاج حيدر پنهنجي ترميم پيش ڪئي جنهن جي بابر ا??واڻ مخالفت ڪئي. ??سپ??ڪر بابر ا??واڻ جي ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. شق (3) ۾ ٽي ترميمون هيون. بابر ا??واڻ ان تي پنهنجي ترميم پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پيش ڪئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر ا??واڻ ان جي مخالفت ڪئي. ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بابر ا??واڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چونڊ ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب ال??ڪٽ??انڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.