اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄاڻي واڻي منصوبابندي تحت ??لم??ن شهباز کي پاڪستان مان فرار ٿيڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف مفرور ??لم??ن شهباز کي پاڪستان واپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل د??لت جو حساب ڏي?? مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو ??ڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور ??لم??ن شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انهن ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز دولت ۽ ڪرپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.