فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته احساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ??يا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ??رهايا ??يا ??ڃن، هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر اسپورٽس ڪامپليڪس ڊجڪوٽ روڊ فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي ڊويزنل ڊائريڪٽر احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر ڊاڪٽر فياض احمد کيس بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير سينٽر تي لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته احساس ڪفالت پروگرام ۾ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي رهي آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو هن وقت تائين رجسٽريشن ناهن ڪرائي سگهيا اهي پنهنجي ويجهي نادرا سينٽر تي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ڄاڻايل پروگرام لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ??يا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ??رهايا ??يا ??ڃن. هن چيو ته شهري 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر م??ڪلي احساس راشن پروگرام تحت رجسٽريشن ڪرائين ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو احساس ڪفالت لاءِ اهل آهن اهي ئي احساس راشن پروگرام جا به اهل هوندا جنهن جي ذريعي ماڻهن کي 30 سيڪڙو گهٽ اگهن تي اٽو، گيهه، داليون وغيره احساس راشن پروگرام لاءِ چونڊيل ڪريانه اسٽورن تي دستياب هونديون، فرخ حبيب چيو ته احساس راش پروگرام جي مد ۾ 112 ارب روپيا ??را??م ڪيا ??يا ??ڃن ۽ هڪ سال ۾ 250 ارب روپيا احساس رجسٽريشن سينٽر جي مد ۾ امداد حڪومت ??را??م ڪري چڪي آهي. هن چيو ته احساس گريجوئيٽ لاءِ اسڪالرشپ لاءِ حڪومت 50 ارب روپيا ڏئي چڪي آهي، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي ??را??مي جاري آهي ته جيئن جن ماڻهن وٽ لاڀائتا خيال آهن هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن، هن چيو ته احساس پروگرام تحت 34 پروگرام هلي رهيا آهن اهڙي طرح پنجاب ۾ صحت ڪارڊ لانچ ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ 400 ارب روپيا ??ختص ڪيا ??يا آهن ۽ ڄاڻايل پروگرام تحت هر سال 10 لک روپين تائين پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيو پر م??جوده حڪومت عام ماڻهو جو احساس ڪندي سوشل پروٽيڪشن جا پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن گهٽ امدني وارن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مديني جي رياست طرف گامزن ۽ عام ماڻهو جي لاءِ احساس رکي ٿو تنهن ڪري غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.