اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ڪن ۽ پاڪستان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پا??يس??ن مان فائدو وٺن، پاڪستان جي سازگار ڪاروباري پا??يس??ن سان غير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري راغ?? ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ واپاري ماپو وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائ?? جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، وفد واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.