اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فا??دو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ??ري??ي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ??ري??ي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فا??م جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئ?? ته پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ??ري??و آهي. ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فا??دو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ??ري??ي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.