اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ ??در جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ ??در گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ ??در شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ ??در وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ ??در جو پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪستان جو ??در شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته وزيراعظم عمران خان ايئرپورت تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ ??در کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪستان جو ??در پاڪستان جي دوري دوران ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.