اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قوم جي حيثيت ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، هم آهنگي ۽ ٻڌيءَ جي سخت ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ علامه اقبال جي لاڏ??ڻي جي ڏينهن تي سندس ياد تازي ڪندي اسان کي اقبال جي فڪر سان خصوصي طور تي رجوع ڪرڻ گهرجي ڇو ته بطور قوم اڳتي وڌڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، هم آهنگي ۽ ٻڌيءَ جي سخت ضرورت آهي. هن علامه اقبال جو شعر پڻ لکيو ته ”??رد قائم ربط ملت سي ه?? تنها ڪڇهه ن??ين، موج هي دريا مين اور بيرون دريا ڪڇهه ن??ين.“