اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ کانپوءِ سعودي عرب جو پهريون دورو سعودي عرب جي ان تاريخي اسٽريٽجڪ اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي ڏي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب گهري ۽ پائيدار ڀائراڻي رشتن ۾ جڙيل آهن، مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي سعودي عرب جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون. سعودي عرب جي دوري تي روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چ??و ته مون کي خوشي آهي ته آئون وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ۾ وزيراعظم طور پهريون دورو سعودي عرب جو ڪري رهيو آهيان، اهو دورو ان تاريخي اسٽريٽجڪ اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سعودي عرب جي سان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي ڏي ٿو جنهن جا بنياد مضبوط گڏيل اعتماد ۽ گڏيل تع??ون تي هموار آهن، آئون سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي خوشي سان ان دوري جي دعوت ڏني آهي، هن چ??و ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گهري ۽ پائيدار ڀائراڻي رشتن ۾ جڙيل آهن جنهن جا مضبوط بنياد گڏيل اعتماد ۽ گڏيل تع??ون تي هموار آهن، هن چ??و ته پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏي ٿي، اسان مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي سعودي عرب جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، پاڪستان سدائين سعودي عرب جو ساٿ ڏنو ۽ آئنده به هر موقعي تي پنهنجي سعودي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو، هن چ??و ته سعودي عرب جي دانشمنداڻي قيادت ڀائر سعودي عوام جي وڌ کان وڌ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جانفشاني سان ڪم ڪيو، اسان کي فخر آهي ته ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030 جي فريم ورڪ تحت سعودي عرب ۾ ٿيندڙ قابل ذڪر ترقي تي فخر آهي، جيڪا تبديلي جو هڪ قدم آهي، وزيراعظم چ??و ته اسان سعودي عرب پاران مسلم امت جي قيادت ۽ امت جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ان جي گهري وابستگي جا قائل آهيون. هن چ??و ته سعودي قيادت سان پنهنجي ڳال??ين جو من??ظر آهيان ته اسان پنهنجي هم جهت ٻطرفي تع??ون جو جائزو وٺون ۽ ان خصوصي لاڳاپن کي لامتناعي بلندي تائين وٺي وينداسين، هن چ??و ته آئون سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ چاهيندس، جنهن پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هو پاڪستان سعودي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن.