اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپار جي فروغ لا??ِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب ??زي??اعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ ??زي??اعظم شهباز شريف، واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي ??زي?? شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي واپار واري ??زي?? مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري ??زي?? مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لا??ينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽيرف لا??ينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لا??ِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري ??زي?? مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار واري ??زي?? خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لا??ِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ واپار جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ ??زي??اعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي واپار جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي واپار جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لا??ِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لا??ِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپار جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ار?? ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپار جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽيرف لا??ينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ار?? ڊالر جڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ار?? ڊالر آهي. پاڪستان جن 130 ٽيرف لا??ينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ار?? ڊالر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ار?? ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لا??ِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ترڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپاري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.