اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي لوڪ ورثه ميوزيم شڪر پڙيان ۾ 3 ڏينهن وارو ثقافتي ميلو ج??ري آهي ۽ شهرين جي وڏي انگ ان ۾ ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ثقافتي ميلي جي اهم خصوصيتن ۾ هٿ جي هنر جي نمائش، نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي تعاون سان تحريڪ پاڪستان جي ??صو??ري نمائش، ڪرافٽ بازار، لوڪ کاڌا وغيره شامل آهن. ثقافتي ميلي جو افتتاح گذريل ڏينهن وزيراعظم جي قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري صلاحڪار انجنيئر امير مقام ڪيو. نمائش ۾ فوڪ ۽ هٿ جي هنر تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ لوڪ فنڪار به حب الوطني جذبي سان سرشار ملي ۽ قومي نغما ڳائي ماڻهن جي ڌيان مرڪز جو رهيا.