لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪ??ئر?? چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪشمير پرا??رٽ??ز جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، شهباز گل جي ڪيس کي جهڙي اهميت ڏني وئي ان تي حيران آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ ايڊمنسٽريٽر ڄمون ڪشمير اسٽيٽ پرا??رٽ?? در پاڪستان جي آفيس ۾ منعقد اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. قمر زمان ڪ??ئر?? چيو ته اڄ ڪشمير پرا??رٽ??ز جي حوالي سان هتي اسان جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو آهي جنهن ۾ ڪشمير جي پنجاب ۾ موجود پرا??رٽ??ز جي حوالي سان تفصيلن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته اهي پرا??رٽ??ز ڪمشمير جي امانت آهن، جيڪڏهن انهن تي قبضو ثابت ٿيو ته قبضي مافيا خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون ايڊمنسٽريٽر کي واضح هدايت ڪئي آهي ته ڪشمير پرا??رٽ??ز جي حوالي سان ڪنهن کي هروڀرو تنگ نه ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان تي قبضو ثابت ٿئي ٿو ته ان ۾ اداري جي اندران ماڻهو ملوث ٿيو يا ٻاهرين گروپس جي مداخلت ٿي ته انهن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ قمر زمان ڪ??ئر?? چيو ته شهباز گل جي حوالي سان آئون وڌيڪ تبصرو نه ڪندس پر ان ڳالهه تي حيران آهيان ته شهباز گل جي ڪيس کي ميڊيا ايتري اهميت ڇو ڏني، هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي تبديلي جي حوالي سان مون وٽ ڪا به خبر نه آهي پر اهي خبرون مون کي ميڊيا کان ملي رهيون آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجا سمورا ??سيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ هي امداد متاثرن تائين پاڪ فوج ذريعي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، قمر زمان ڪ??ئر?? چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار روپيا ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ جون صوبائي حڪومتون به ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏئي رهيون آهن ۽ اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ته هو جهڙي طرح کليل آسمان هيٺ هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن جي زندگي جي سڄي ڪمائي ٻوڏ لوڙهي وئي آهي، ان کان اڳ ڪشمير پرا??رٽ??ز جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڪشمير معاملن واري سيڪريٽري شير عالم مقصود، ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پرا??رٽ?? در پاڪستان جي ايڊمنسٽري??ر بلال آفتاب احمد ڪچي سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ قمر زمان ڪ??ئر?? کي ڪشمير پرا??رٽ??ز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.