اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿر پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٿر جي دور?? جي موقعي تي وزيراعظم کي ٿر ڪول پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪ??دڙ عورت ڊمپر ڊرائيورز سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ و??يراعظم ٿر انرجي لميٽي?? جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪندو. ٿرڪول مائنز جي فيز ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو ۽ تقريب کي خطاب ڪندو.