اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مي??يا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ مي??يا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي مي??يا تي پاڪستان سائن ل??نگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب ايڪٽ تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ مي??يا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي مي??يا تي سائن ل??نگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊرامي، فلم يا ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي مي??يا ه??ئوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن ل??نگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.