اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ا??داد جي اعلان تي سندس ٿورا مڃي ٿو. پاڪستان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سعودي عرب جي ا??داد کي ا??تهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان اسلام آباد ۾ ??لا??ات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان المرشد ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ا??داد جي اعلان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ??لا??ات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو ??ه جائزو ورتو ويو. ??لا??ات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو ??لاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.