اسلام آ??اد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاري?? يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صدر چي?? ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو ه?? ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چي?? ته ان اهم معاملي تي ا??يڪشن ڪميشن جي ا??سوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چي?? ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاورت جي لاءِ هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.