اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي 6 جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪيتري ئي ڊگهي ڇو نه هجي اسان جي بهادر هٿياربند فوج قوم جي تعاون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پ??ي اڇلائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ انٽيليجنس ڪميونٽي جون عظيم قربانيون ملڪ کي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ قومي عزم جو مظهر آه??. هن سوڳوار خاندانن سان دلي ت??زي?? ۽ مرحومن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.