راولپنڊي- 10 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته 9 مئي جو ڏينهن هڪ ??اري باب طور ياد رکيو ويندو، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا گروه سياسي لباس اوڙهي ڪري ڏيکاريو آهي، اهڙي ڪڌي ڪوشش ڪئي ??ئي ته پاڪ فوج پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي پر پاڪ فوج جي ذميواراڻي رد عمل ان سازش کي ناڪام بڻائي ??ڏيو، اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته ان جي پويان پارٽي جي ڪجهه شرپسند قيادت جا حڪم،هدايتون ۽ مڪمل اڳواٽ رٿابندي هئي ۽ آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ??ئي ??يندي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي نيب جي پڌرائي ??وجب ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان قانون موجب حر??ست ۾ ورتو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کان فورن بعد هڪ منظم طريقي سان آرمي جي ملڪيتن ۽ ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا ويا ۽ فوج مخالف نعريبازي ڪرائي ??ئي. هڪ طرف ته اهي شرپسند عنصر عوامي جذبن کي پنهنجي محدود ۽ خود غرض مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان اڀاريندا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن کي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي ملڪ لاءِ فوج جي اهميت کي به اجاگر ڪندي نه ٿڪجندا هئا جيڪو ٻٽي معيار جو مثال آهي. بيان ۾ چيو ويو ته فوج انتهائي صبر، بردباري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ساک جي به پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ انتهائي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. ناپاڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيل ان صورتحال مان اها ڪڌي ڪوشش ڪئي ??ئي ته آرمي پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي پنهجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. آرمي جي ميچوئر ريسپانس ان سازش کي ناڪام بڻائي ??ڏيو. بيان ۾ چيو ويو ته فوج سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوجي ۽ رياستي ٺڪاڻن ۽ ملڪيتن تي ڪنهن به وڌيڪ حملي جي صورت ۾ شديد رد عمل ڏنو ويندو جنهن جي مڪمل ذميواري انهي ٽولي تي هوندي جيڪو پاڪستان کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪڻ چاهي ٿو ۽ هر ڀيري ۽ ڪيترائي ??يرا ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.