اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيھ ??ي بزنس ڪميون??ي پاران پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏ??ڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهم ترڪ بزنس گروپن سان ملاقاتن دوران ان??ن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي ضرورت تي روشني وڌي آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ واپار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موقعا پيدا ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ 3 سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته ترڪيھ ??ي بزنس ڪميون??ي پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏ??ڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.