اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان کي سي پيڪ جي صلاحيتن مان پوري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته پاڪستان اڄ سي پيڪ جي ڏهاڪي جي مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيو آهي، هي هڪ انقلابي منصوبو آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته گذريل 10 سالن جي هڪ متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي ته منهنجي قائد نواز شريف جي قائداڻي ڪردار جي ڪري ڪهڙي ط??ح شي جن پنگ جي ”مضبوط ڀائيچاري“ جو ويزن سي پيڪ فريم ورڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تبديل ٿيو، آئون گواهه آهيان ته ڪهڙي طرح هن توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي نگراني ڪئي، تفصيلن کي بهتر بڻائڻ، اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ٽائيم لائينز کي يقيني بڻائڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳايا. هن ??يو ته ان جي نگراني کانسواءِ اسان سي پيڪ منصوبن کي ان رفتار ۽ ڪارڪردگي سان مڪمل نه ڪري سگهون ها جيڪي اسان ڪيا هئا جڏهن ته منهنجي خيال ۾ اسان اڃا به سي پيڪ جي صلاحيتن مان پوري طرح فائدو نه کڻي رهيا آهيون، ??ي هڪ قابل ق??ر مقصد آهي جنهن سان منهنجي ذاتي ۽ حڪومت جي پڪي وابستگي آهي.