اسل??م آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسل??م آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آه??. ا??وان صدر جي پريس ونگ موجب اسل??م آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت م??جب ٻارن ک?? ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪوم?? سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت م??جب ٻارن ک?? ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.