پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير تي تعاون جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته جي ايس پي پلس اسان جي روانگي واپار کي زبردست فروغ ڏنو آهي ۽ اهو اسان جي معيشت جي لاءِ اهم آهي، اسان جي حڪومت يورپي يونين سان پنهنجي مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊي??ليين جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??و ته توهان سان ملي سدائين خوشي ٿيندي آهي، اسان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن بابت نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان يورپي يونين پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ۾ ان جي فعال شرڪت جي لاءِ اهم تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. هن چ??و ته جي ايس پي پلس اسان جي روانگي واپار کي زبردست فروغ ڏنو آهي ۽ اهو اسان جي معيشت جي لاءِ اهم آهي، منهنجي حڪومت يورپي يونين سان پنهنجي مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، واپاري، اقتصادي ۽ سياسي سطحن تي وسيع امڪانن موجب پنهنجي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ توهان کي پاڪستان جي دوري جي لاءِ گهرائين??ي مون کي خوشي ٿي رهي آهي.