اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ پيڙهه جي پٿر وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم سرينگر هاءِ وي تي سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ??ندو. بعد ۾ وزيراعظم آءِ جي پي روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم اليونٿ ايونيو جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم کي انهن منصوبن تي تف??يل?? بريفنگ پڻ ڏني ويندي ۽ وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.