اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ريمارڪس ڀارت پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دشمني جي عڪاس ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي غلط مهم جوئي جي جواب ۾ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان چ??و ته هي پهريون موقعو نه آهي جو ڀارت جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ گلگت بلتستان بابت اهڙي قسم جا انتهائي غيرذميواراڻا ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان چ??و ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي سياسي مقصدن ??ي لاءِ بيان بازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ڀارتي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي انتهائي غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيزين ۽ غيرذميواراڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چ??و ته ڄمو?? ۽ ??شمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ گلگت بلتستان تي ڀارت جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي اخلاقيات ۽ زميني حالتون ڀارت جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهنجو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? لاڳاپيل قراردادن ??ي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته علائقي جو ح??مي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل ج?? لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائر?? ۽ ??ينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.