اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي سف??رتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهشن موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪرار جي حل تائين حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??زا?? رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر س??طان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران وزيراعظم کي ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي سف??رتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل ??وم?? جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.