اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي سان قانون ۽ انصاف واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب حڪومت ۽ صدر جي وچ ۾ ملاقات ۾ عام چونڊن ت?? جاري مشاورت جي تسلسل ۾ ڪئي وئي. صدر چيو ته مشاورتي عمل جو سٺي نيت سان جاري رهڻ ملڪ ۾ جمهوريت جي لاء?? مثبت هوندو.