پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي ??قت سر قدمن سان آمريڪي ڊالر جي ??يمت ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي ??اءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي ??اقعن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ۽ رياست جي رٽ کي چئل??نج ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگران وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه جي امن امان جي تازي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏ??ي وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگران وزيراعظم کي صوبي کي درپيش مالي مسئلن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏ??ي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ??قت سر قدمن جي ڪري آمريڪي ڊالر جي ??يمت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي. نگران وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سان ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي ??اءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ??اقعن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئل??نج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي ??عنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه کي درپيش مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي جي ??الي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ??سئلن جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي ??گران وڏي وزير اعظم خان، نگران صوبائي وزير سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگران وڏي وزير جي صلاحڪارن ڊاڪٽر رياض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگران وڏي وزير جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.