اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??ين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پ??ڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته ??ين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون انهن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پ??ڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته ??ين پ??ڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.