اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايڪسپريس ن??وز لاهور جي بيورو چيف محمد الياس جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ??هيون. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.