اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پ??عز?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي نئين سفير خليل ??اشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيون ذميواريون ملڻ تي خليل ??اشمي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چين جي لاءِ مقرر ٿيندڙ نئين سفير خليل ??اشمي پاڪ – چين لاڳاپن جي حوالي سان نگران وزيراعظم کان رهنمائي ورتي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته خليل ??اشمي چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو.