اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران امن ۽ خوشحالي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل موقف جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق نگران پر??يهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پر??يهي وزير حسين ??مي?? عبداللهيان جي وچ ۾ پر??يهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پر??يهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مضبوط مڪالمن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين امن ۽ خوشحالي جي لاءِ گهربل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام جي بنياد تي ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي موقف جي بنياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.