اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان جي ڪردا??، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي دستاويزي ۽ حڪومتي ڏيتي ليتي ڊيجيٽل بڻائڻ سان شفافيت کي هٿي ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان آفيس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان محمد اجمل گوندل صدر کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، قومي خزاني جي صحيح استعمال ۽ شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگ??ان?? لازمي آهي. صدر چيو ته حڪومتي مالي انتظام جي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ خامين جي نشاندهي ۾ آڊيٽر جنرل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، حڪومتي خرچن ۾ شفافيت ۽ مالياتي احتساب مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قانوني فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان صدر کي مالياتي احتساب جي ع??ل ۾ اداري جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان جو ادارو آڊٽ عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، آڊيٽر جنرل مالي سال 23 – 2022ع ۾ 95 سيڪڙو ڪمپلائنس آڊٽ مڪمل ڪيا، آڊٽ ۽ اڪائونٽنگ عمل ۾ بهتري سان شفافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس کي هٿي ملندي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽولز کي آڊٽ عمل ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، آڊٽ جي ع??ل جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم فعال ڪيو ويو. اڪائونٽنگ عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پينشنرز کي موثر انداز ۾ رقم جي ادائيگي ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ اداري جي ڪارڪردگي ۾ اضافي سان شهرين کي سڌوسنئون فائدو پهچندو. آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس????ن حڪومت سميت مختلف ادارن کي آڊٽ جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر حڪومتي شعبي ۾ شفافيت ۽ پارلياماني نگ??ان?? جي نظام ۾ مدد ۾ آڊيٽر جنرل آف پ??ڪس??ان جي ڪردار کي ساراهيو.