اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسي ٿي، ان حوالي سان جوڙي?? ٺوس سفارشون ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي قائم ڪيل ڪميشن، ڪميٽي جي راءِ، اعليٰ عدالتن جي رهنمائي، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي ر??ءِ جي ڏس ۾ نگران حڪومت ڊگهي غور فڪر کانپوءِ ٺوس سفارشون جوڙيون آهن جن ک?? ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.