اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو مدو پور?? ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پور?? ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ??ي لاءِ پنهنجو مث??ت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.