اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ ه??ئوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن ل??ءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پولنگ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پيپر جي استعمال جي حوالي سان هدايتن جا??ي ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن ل??ءِ پولنگ جي شروعات کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوار جي نالي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوار جي نالي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پهريون بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان ل??ءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.