اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي ٽيليفون ڪر?? پ??ڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اردن ج?? پ??ڏيهي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني عوام شاهي خاندان ۽ اردن جي عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت رکي ٿي. ٻنه?? پ??ڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ??يو. غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي وزيرن فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قابض فوج جي غيرانساني ۽ وحشياڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي. هن ??وري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي ۾ بنا روڪ ٽوڪ ۽ اضافي جي ضرورت آهي.