اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، ??زي??اعظم چونڊجڻ کانپوءِ هي سندس پهريون غيرملڪي دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي ??زي?? ۽ دفاع واري ??زي?? کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارا وفاقي ??زي?? پڻ ساڻس گڏ هوندا. ??زي??اعظم عمري جي ادائيگي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. ??زي??اعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ ??زي??اعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات متوقع آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي آهن. پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.