اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پن??نجي خطاب ۾ صدر والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو. صدر پن??نجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پن??نجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪر?? ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پن??نجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪر?? ٿو.