بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق ل??ءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته موجوده بحران جو واحد مستقل حل هڪ محفوظ، قابل عمل، لڳولڳ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي 15 هين سربراهي اجلاس جي تياري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل دشمني جي خاتمي جي ل??ءِ پنهنجي قرا??دا?? 2728 تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي. محمد اس??اق ڊار ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ هڪ جامع، شفا?? ۽ ??اقابل واپسي امن عمل جي جلد کان جلد ٻيهر شروعات تي زور ڏيندي چيو ته فلسطينين جي خلاف اس??ائيلي جارحيت تي او آءِ سي جي وزارتي ڪميٽي کي ٻيهر فعال ٿيڻ گهرجي. هن اس??ائيل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ اس??عمال ۽ غزه جي غيرانساني گهيراءُ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ سميت جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي. هن ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق ل??ءِ پاڪستان جي اڻٿڪ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي لازمي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامو فوبيا جو اظهار سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ، تشدد ۽ اشتعال انگيزي جي وڌندڙ واقعن سان ٿئي ٿو جڏهن ته عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پنهنجي ل??ءِ هڪ واضح تفهيم ۽ پابندي جو تعين ڪيو آهي جنهن ۾ اينٽي سميٽيزم“ ۽ ”هولو ڪاسٽ ڊينائل“ سان لاڳاپيل مواد جي ذميواري شامل آهي. محمد اس??اق ڊار چيو ته گستاخانه ۽ اسلام مخالف مواد جي معاملي ۾ ائين نه ٿيو آهي جيڪو وسيع پئماني تي پريشاني جو سبب آهي. نائب وزيراعظم او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها عالمي انفارميشن نيٽ ورڪس/ پليٽ فارمز خاص طور تي گلوبل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اثرانداز ٿيڻ جي ل??ءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙي. هن گستاخانا، اسلام مخالف ۽ اسلامو فوبڪ مواد جي ل??ءِ مواد جي ضابطي جي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ کي هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي پڻ منظوري ڏني جڏهن ته مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهن.